پير حسن ڪبير الدين رح

پير حسن ڪبير الدين رح: هيءُ اسماعيلي داعي ، بزرگ پير صدر الدين جو فرزند هو . سندس نالو حــســن ڪـبيــر الــديــن هو . کيس سيد السادات ، بُت شڪن ، حسن دريا ، سيد حسن شاهه ، پير حسن اُچوي ، سيد حسن شمس ، سيد حسن ڪفر شڪن ، مخدوم سيد ڪبير الدين شاهه ، گُرو حسن شاهه ۽ گُرو پير حسن الحسيني به چيو ويندو هو . سندس ولادت جو سال 792هه/ 1391ع آهي . پير حسن ڪبير الدين ننڍپڻ کان ئي هوشيار هو . قرآن پاڪ ۽ حديث جو وڏو ڄاڻو هو . عربي ۽ فارسيءَ تي عبور هوندو هئس . سنڌي ، گجراتي ، ڪڇي ، سرائڪي ۽ پنجابي توڙي ٻين ٻولين تي دسترس حاصل هئس . ننڍي هوندي کان ئي عبادت ۽ مذهبي ڪمن ۾ رُڌل رهندو هو . ڏات ڌڻي ، شاعر ۽ سٺو مقرر به هو . سندس ’گنان ‘ مشهور آهن ، جن ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جي آميزش آهي . کيس سندس والد پير صدرالدين ( جنم: 1290ع- وفات: 1409ع ) جي رحلت کان پوءِ امام الزمان طرفان پير مقرر ڪيو ويو .
پير حسن ، اولهه ، وچولي ۽ اتر هندستان جو گهڻو سفر ڪيو ، جتي اسلامي دعوت ۽ پرچار جو ڪم ڪيائين . تنهن کان پوءِ ڪشمير ، افغانستان ، ايران ، عراق ۽ عرب ملڪ به گهمي ڏٺائين ، پر حياتيءَ جو وڏو حصو سنڌ ، پنجاب ۽ گجرات ۾ گذاريائين . کيس ارڙهن فرزند ۽ هڪ نياڻي ” ٻائي ٻڍاڻي “ هئي . سندس گنانن جو وڏو ذخيرو اسماعيلي جماعت وٽ موجود آهي . سندس درٻار اُچ شريف ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو